اَٺَئِي پَھرَ بابت
معنيٰ
ڏينھن رات، ھردم، سدائين، چوويھ ئي ڪلاڪ (ٽن ڪلاڪن جو هڪ پھر، چوويھن ڪلاڪن جا اٺ پھر ٿين).
Everytime, day and night, forever, all the time
بيتن ۽ وائين ۾
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ، چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون، مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- جِيَنِ سين سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، جَنِي سَندا ٻارَ، اَٺَئِي پَھرَ اَگُوندِرا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جٖي ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، اَٺَئِي پَھرَ اَرٽَ سين، تَنِ جو صَرافَنِ، ڦولِهئو ڪِينَ ڪِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]